واٽس ايپ ۾ انقلابي تبديلي، بنا انٽرنيٽ جي به ڪم ڪندو

واٽس ايپ طرفان هڪ اهڙي ڪارائتي فيچر تي ڪم جاري آهي جيڪو انٽرنيٽ کانسواءِ به دوستن سان فائل شيئرنگ جو عمل سولو بڻائي ڇڏيندو .
واٽس ايپ جو هي فيچر تصويرون، وڊيوز ۽ ٻين دستاويزن کي شيئر ڪرڻ جو طريقيڪار بدلائي ڇڏيندو.
جيڪڏهن اوهان اينڊرائيڊ فونز ۾ نيئرباءِ شيئر نالي فيچر استعمال ڪري چڪا آهيو ته واٽس ايپ جو هي نئون فيچر ضرور پسند ايندو.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واهپيدار واٽس ايپ جي هن نئين فيچر ذريعي ويجهو موجود ماڻهن سان سولائي سان فائل شيئر ڪري سگهندا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هي فيچر هن وقت اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ موجود آهي.
واٽس ايپ طرفان نئين فيچر بابت پهرين جنوري 2024ع ۾ ٻڌايوويو هو پر هاڻ تفصيل پڻ سامهون آيا آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي فيچر تڏهن ڪم ڪندو جڏهن ٻين ماڻهن طرفان شيئر جي درخواست کي منظوري ڏني ويندي.
هن فيچر تحت رڳو انهن ماڻهن سان فائلز شيئر ڪرڻ ممڪن هوندو جيڪي صارف جي رابطي( ڪانٽيڪٽ ) لسٽ ۾ موجود هوندا.
پر هن فيچر جي اهم ڳالهه اِها آهي ته هر قسم جي فائلز کي انٽرنيٽ کانسواءِ شيئر ڪرڻ ممڪن هوندو.
سمورين شيئر فائلز کي انڪرپشن جو تحفظ حاصل هوندو ته جيئن ڪنهن ٽئين ڌر ان تائين پهچ حاصل نه ڪري سگهي.
هي فيچر عوامي هنڌن تي ڪنهن ماڻهو سان تصويرون يا وڊيوز شيئرنگ لاءِ به ڪارائتو ثابت ٿيندو.
فلحال هن فيچر جي ٽيسٽنگ بيٽا ورجن ۾ ٿي رهي آهي انڪري سمورن واهپيدارن لاءِ ڪيستائين دستياب هوندو ان بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.
پر اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته تمام جلد هي فيچر سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.