پاڪستان ۾ نئين حڪومت کانپوءِ ايران سان درآمدن ۾ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ نئين حڪومت جي قيام کانپوءِ ايران سان درآمدن ۾ واڌ ٿي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين حڪومت جي پهرئين مهيني ايران سان درآمدن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ايران سان درآمدون 16 سيڪڙو وڌيون آهن.
واپار واري وزارت جي ذريعن موجب مارچ 2024 ۾ ايران سان درآمدن جو ڪاٿو 9 ڪروڙ 56 لک ڊالر رهيو، جڏهن ته مارچ 2023 ۾ 7 ڪروڙ 64 لک ڊالر هو، فيبروري 2024 ۾ اهو ڪاٿو 8 ڪروڙ 61 لک ڊالر هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال جولاءِ کان مارچ تائين ايران سان درآمدون 77 ڪروڙ 40 لک ڊالر رهيون، جڏهن ته گذريل سال ان ئي عرصي ۾ درآمدون 66 ڪروڙ 91 لک ڊالر هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.