”ڌاڙيل فرار ٿي ٿا وڃن“ گهوٽڪي ۾ روڊ ڪناري ڪمند جي پوکي تي پابندي

سکر (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ۾ روڊ ڪناري 1500 ميٽرن جي فاصلي تائين ڪمند جي پوکي تي پابندي هنئي وئي آهي.
سکر جي ڪمشنر هڪ انوکو حڪم جاري ڪيو آهي، گهوٽڪي جي مقامي هارين کي چيو ويو آهي ته اهي روڊ ڪناري 1500 ميٽر فاصلي تائين ڪمند نه پوکين.
سکر جي ڪمشنر فياض عباسي چيو آهي ته موٽر وي، قومي شاهراهه کان 1500 ميٽر فاصلي تائين ڪمند نه پوکيو وڃي، ڪمند جي فصل سبب واردات کانپوءِ جوابدار آساني سان فرار ٿي ويندا آهن.
هن چيو ته اها پابندي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ۽ ايس ايس پي جي سفارش تي لڳائي وئي آهي، امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.