شاگردن لاءِ وڏي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ مفت کاڌي جي پروگرام تي عملدرآمد شروع ٿي ويو.
سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن کي مفت کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي، پهرئين فيز ۾ 40 پرائمري اسڪولن ۾ هلندڙ هفتي منجهند جو کاڌو ڏنو ويندو.
پهرئين مرحلي ۾ ترنول ۽ نيلور سيڪٽر جي 20-20 اسڪولن ۾ مفت کاڌو ڏنو ويندو.
واضح رهي ته سيڪريٽري ايجوڪيشن پرائمري اسڪولن ۾ سهولتن جي فراهمي سان گڏ مفت کاڌي جو اعلان ڪيو هو.
سندس چوڻ هو ته ٻارن کي کاڌو حڪومت ۽ ٽرسٽ جي سهڪار سان ڏنو پيو وڃي، ايندڙ ٻن مهينن ۾ سڀني پرائمري اسڪولن ۾ کاڌو شروع ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.