آمريڪا کانپوءِ يورپي يونين جي به ٽِڪ ٽاڪ کي ڪارروائي جي تنبيهه

آمريڪا کانپوءِ يورپي يونين به ٽِڪ ٽاڪ خلاف ڪارروائي جي تنبيهه ڪئي آهي، پر يورپ ۾ ٽِڪ ٽاڪ مرڪزي ايپ بدران ٽِڪ ٽاڪ لائيٽ خلاف ڪارروائي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
جيڪڏهن ائين ٿيو ته اِهو يورپ ۾ ڊجيٽل سروس ايڪٽ( ڊي ايس اي ) لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو هوندو جڏهن يورپي يونين ۾ ڪنهن سوشل ميڊيا ڪمپني خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
يورپين ڊجيٽل ڪمشنر ٿيئري بريٽن موجب، ٽِڪ ٽاڪ لائيٽ طرفان واهپيدارن کي وڊيوز ڏسڻ تي انعام ڏنا ويندا آهن، پر اِها سروس نقصانڪار آهي.
يورپين ڪميشن طرفان ٽِڪ ٽاڪ کي 25 اپريل تائين سروس بابت دليل ڏيڻ جو وقت ڏنو ويو آهي جنهن کانپوءِ حتمي فيصلو ۽ ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
ڪميشن موجب، جيڪڏهن ٽِڪ ٽاڪ اطمينان جوڳو جواب نه ڏنو ته پوءِ ڪارروائي ڪئي ويندي ڇوته هن ايپ ذريعي واهپيدارن جي ذهني صحت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.