ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ، سنيل نارائڻ جو رٽائرمينٽ واپس وٺڻ بابت اهم بيان

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ويسٽ انڊين آل رائوندڙ سنيل نارائڻ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع ۾ واپسي واريون خبرون رد ڪري ڇڏيو.
انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي 17 هين سيزن ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي نمائندگي ڪندي شاندار آل رائوند ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر سنيل نارائڻ رٽائرمينٽ واپس وٺڻ وارين خبرن جي ترديد ڪئي آهي.
سنيل نارائڻ جو چوڻ آهي ته خوشي آهي ته ماڻهو عالمي ڪپ لاءِ منهنجي رٽائرمينٽ جي واپسي جي خواهش ظاهر ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته مان پنهنجو فيصلو ڪري چڪو آهيان ۽ رٽائرمينٽ واپس نه وٺندس.
ياد رهي ته ان کان اڳ ويسٽ انڊين ڪپتان رومين پائول سنيل نارائڻ جي رٽائرمينٽ واپس وٺڻ بابت بيان ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.