نيشنل ايڪشن پلان 2014 تي عملدرآمد لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ايڪشن پلان 2014 تي عملدرآمد لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، گهرو وزارت ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست شهدا فورم بلوچستان جي پيٽرن ان چيف نوابزادا جمال رئيساڻي، ايڊووڪيٽ حافظ احسان کوکر ذريعي داخل ڪرائي، جنهن ۾ پوليس سڌارن تي فوري طور عملدرآمد شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته سموريون عدالتون ٻڌڻي هيٺ دهشتگردي جي سمورن ڪيسن جا فوري طور فيصلا ڪرڻ جا حڪم ڏين، گڏوگڏ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان عالمي معيار موجب شاهدن جي تحفظ ۽ پراسيڪيوشن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي اپيل به ڪئي وئي آهي.
شهيدن جي ٻارن کي مفت تعليم ۽ گهر ڀاتين کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪندي اها به اپيل ڪئي وئي آهي ته سوشل ميڊيا ذريعي دهشتگردي جي مشهوري جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.