اقرا کان وڌيڪ ڪوئي ناهي، ٻار به عزيز ناهن: ياسر حسين

پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪار ياسر حسين انڪشاف ڪيو آهي ته شادي کان پوءِ هن پنهنجو هڪ اپارٽمنٽ گهرواريءَ جي نالي ڪيو هو.
هڪ بيان ۾ هن جو چوڻ هو ته مون اهڙا مڙس ڏٺا آهن جيڪي پنهنجين گهر وارين کي ڪافي سپورٽ ڪندا آهن.
هن چيو ته ائين ئي اقرا کان وڌيڪ ته منهنجي لاءِ ڪو به ناهي ايتري قدر جو ٻار به ايترا عزيز ناهن، شادي کان پهريان اقرا پڇيو هو ته پنهنجو گهر اٿي جنهن تي مان ها ڪري ويٺس، پر اهو هڪ ڪمري وارو گهر اسلام آباد ۾ هو، بعد ۾ گهر ان جي نالي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.