ڀارتي فائٽر کي چماٽ ڇو هنئي؟ شاهزيب رند ٻڌائي ڇڏيو

پاڪستاني ڪراٽا فائٽر شاهزيب رند چيو آهي ته فائٽ کان پهريان پريس ڪانفرنس ٿيندي آهي، ڀارتي فائٽر سوشل ميڊيا تي به پاڪستان خلاف نامناسب لفظ استعمال ڪري رهيو هو.
هڪ بيان ۾ شاهزيب رند جو چوڻ هو ته ڀارتي فائٽر پريس ڪانفرنس ۾ گاريون ڏنيون ۽ مونکي ڌمڪايو، جنهن تي مون کيس چماٽ وهائي ڪڍي.
هن ٻڌايو ته مخالف فائٽر جو رڪارڊ مونکان بهتر هيو، انڪري فائٽ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي، مقابلي ۾ پريشر نه ورتو، سلمان خان ملاقات ٿي ته هو خوش نظر آيو ۽ چيائين ته “هر ڪنهن کي 20 سيڪنڊن ۾ ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيندو آهي”.
هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته مقابلي کٽڻ بعد پاڪستان ۽ ڀارت جا جهنڊا کڻي ڀارتي فائٽر کي هڪ پيغام ڏنو، منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته دنيا کي پاڪستان ۽ بلوچستان جي ثقاقت ڏيکاري سگهان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.