سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سڀاڻي کان برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر برساتن جو امڪان آهي، اولهه هوائن جو سلسلو اربع جي رات پاڪستان ۾ داخل ٿيندو.
موسميات کاتي موجب 24 کان 27 اپريل دوران بلوچستان ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، ڪوئيٽا، زيارت، موسيٰ خيل، نوشڪي، پشين، هرنائي، زوب، ڪوهلو، سبي ۾ مينهن وسندو.
موسميات کاتي گوادر، ڪيچ، آواران، چاغي، خاران، قلات، مستونگ، جهل مگسي، نصيرآباد، ڊيرا بگٽي ۾ به برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته خميس جي رات کان سومر تائين خيبر پختونخواهه ۾ برسات، ڳڙي ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.
سنڌ ۾ خميس ۽ جمعي تي مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، سکر، جيڪب آباد، ڪشمور، لاڙڪاڻي، دادو، قمبر – شهدادڪوٽ، ڄامشوري ۽ سانگهڙ ۾ آنڌاري ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ اسلام آباد، پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ جمعي کان سومر تائين برسات، ڳڙي ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.