شاهين، رضوان کي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو بريڊ مين قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي پنهنجي ساٿي ڪرڪيٽر محمد رضوان کي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو بريڊ مين قرار ڏئي ڇڏيو.
محمد رضوان نيوزيلينڊ جاري ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ اهم ڪارنامو انجام ڏنو.
رضوان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ بابر اعظم ۽ ويرات ڪوهلي کي پوئتي ڇڏيندي تيز ترين 3 هزار رسنون ٺاهيندڙ بيٽر بڻجي ويو، هن 79 اننگز ۾ اِهو ڪارنامو انجام ڏنو.
ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ تاريخي ڪارنامو انجام ڏيڻ تي شاهين آفريدي سوشل ميڊيا ذريعي محمد رضوان کي واڌايون ڏنيون.
پنهنجي پيغام ۾ فاسٽ بالر رضوان کي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو بريڊ مين ۽ پاڪستان جو سپر مين قرار ڏنو آهي.
واضح رهي ته سر ڊان بريڊ مين آسٽريليا جو اڳوڻو ڪرڪيٽر هو جنهن کي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو عظيم ترين رانديگر مڃيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.