هاڻوڪي دور جي گانن ۾ سٺا ٻول گهٽ، تڪرار وڌيڪ آهي!

ويانا (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾اها ڳالهه سامهون آئي ته هاڻوڪي مشهور گانن ۽ پراڻن گانن ۾ ڀيٽ ڪئي وڃي ته هونئن ته وڏي تبديلي اچي چڪي آهي.
تحقيق موجب جڏهن اڄ جي گانن کي گذريل ڏهاڪن جي بهترين 40 گانن سان ڀيٽيو وڃي ٿو ته هاڻوڪي گانن ۾ گذريل 50 سالن ۾ خاص تبديليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
مطالعو ڪندڙ سينئر ليکڪ ۽ آسٽريا جي يونيورسٽي آف اسبرڪ ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي پروفيسر ايوا زينجرلي چيو آهي ته هاڻوڪي دور جي مشهور گانن جا ٻول ماضيءَ جي گانن کان وڌيڪ آسان آهن ۽ انهن ۾ گهڻو تڪرار موجود آهي.
هن جو چوڻ هو ته اسان کي تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته اهڙي تبديلي ۽ فنڪارن ۾ اهڙو رجحان 1970ع کان بعد آيو.
ايوا ۽ ان جي ساٿين آرٽيفيشل انجٽيليجنس جو استعمال ڪندي 1970ع کان 2020ع تائين ريليز ٿيندڙ 353،320 مشهور گانن جي ٻولن جو تجزيو ڪندي تحقيق ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.