علي امين گنڊاپور سميت پي ٽي آءِ دور جي ڪابينا ميمبرن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور جي وفاقي ڪابينا ميمبرن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍيا ويا.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت نيب جي سفارش تي نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان، بشريٰ بي بي، فرحت شهزادي ۽ ذلفي بخاري جا نالا اي سي ايل ۾ برقرار رهندا.
ذريعن موجب موجوده وفاقي ڪابينا پي ٽي آءِ دور جي ڪابينا ميمبرن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏني، علي امين گنڊاپور، غلام سرور خان، مراد سعيد، پرويز خٽڪ، شفقت محمود جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اعجاز شاهه، علي زيدي، خسرو بختيار، اعظم سواتي، اسد عمر، عمر ايوب، محبوب سلطان، فواد چوڌري، فروغ نسيم ۽ شيرين مزاري جو نالو به اي سي ايل مان ڪڍيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.