هاڻ ڪا ايمنسٽي اسڪيم نه ايندي، ماڻهن کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو: محمد اورنگزيب

دبئي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته هاڻ ڪا ايمنسٽي اسڪيم نه ايندي، ماڻهن کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو.
دبئي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته جون تائين ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 9 کان 10 ارب ڊالرن تائين رهندا، جولاءِ تائين پي آءِ اي پرائيويٽائز ٿي ويندي، اسلام آباد ايئرپورٽ جي نجڪاري لاءِ ترڪيه ۽ يورپ سان ڳالهيون جاري آهن، لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽ کي به خانگايو ويندو.
هن چيو ته پاڪستان کي في الحال عالمي فنڊنگ جي کوٽ ناهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ آهيون، ان ۾ ڪاميابي ملي آهي، ”ڊجيٽل پاڪستان“ لاءِ ورلڊ بئنڪ 10 سالن تائين سپورٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
سندس چوڻ هو ته عالمي ادائيگيون ڪاميابي سان ڪري رهيا آهيون، پاڪستان تي عالمي ادارن جو اعتماد بحال ٿي چڪو آهي، اماراتي بئنڪن کان گهٽ مدي لاءِ ٽريڊ فنانس ملڻ جي اميد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.