لونگ جو تيل مردن جي اهم مسئلن جو حل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لونگ جو استعمال قديم زماني کان حڪيم به ڪندا رهيا آهن ۽ اڄ تائين لونگ کي اهم مصالحو سمجهيو وڃي ٿو.

هن ۾ موجود غذائي شيون بي حد ڪارائتيون آهن، لونگ ۾ ڪيلوريز، ڪاروبوهائيڊريٽس، سڻڀ ۽ پروٽين کانسواءِ فولاد، سوڊيم، پوٽاشيم ۽ وٽامنس شامل آهن.

لونگ ذريعي ڪيترن ئي مرضن جو علاج به ڪيو ويندو آهي، هي ڏندن جي مرضن کان ويندي ٻين مرضن ۾ شفا بخش آهي، ايران ۽ چين ۾ هن کي قوت باه جو محرڪ قرار ڏنو ويندو آهي.

کاڌي ۾ لونگ جي استعمال سان معدي مان غيرضروري مادا خارج ٿيڻ ۾ مدد ملي ٿي.

قديم معالج لونگ کي بي شمار مرضن جي علاج لاءِ استعمال ڪندا هئا، آيورويدڪ طريقيڪار ۾ لونگ جو جوشاندو، تيل ۽ سفوف رت جي گرڊش ۽ گرمي پد کي برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

مٿي جي سور لاءِ لونگ جو سفوف، لوڻ ۽ کير سان ملائي مٿي تي ليپ ڪيو ويندو آهي، کنگهه لاءِ هڪ لونگ لوڻ سان چٻاڙڻ سان فائدو پهچندو آهي جڏهن ته ساهه جي تڪليف مان ڇوٽڪاري لاءِ 6 لونگ هڪ گلاس ۾ وجهي اٻارجن ۽ ان جي جوشاندي ۾ هڪ چمچو ماکي ملائي ڏينهن ۾ 3 ڀيرا پيئجي.

هي کاڌن ۾ خوشبوءِ کانسواءِ دماغ کي به طاقت ڏئي ٿو، لونگ ۽ هيڊ جو سفوف آني جي سفيدي سان ملائي موهيڙن تي لڳائن سان موهيڙا نڪرڻ بند ٿي ويندا آهن، ڏندن جي سور سميت وات جون ٻيون تڪليفون، مهارن مان رت اچڻ به لونگ چٻاڙڻ سان ختم ٿئي ٿي، لونگ جو تيل منجن جيان ڏندن تي هڻڻ سان آرام ملي ٿو، هي پيٽ جي تڪليفن جي خاتمي، بدهاضمي، الٽي ۽ ٻين مسئلن کان ڇوٽڪارو ڏئي ٿو.

لونگ جو تيل به ڪارائتو هوندو آهي، اهو مختلف مرحلن مان گذاري حاصل ڪيو وڃي ٿي، هن ۾ وڏي مقدار ۾ فنيول هوندو آهي جيڪو اعليٰ درجي جو اينٽي سيپٽڪ آهي، اهو ئي سبب آهي جو هي ڪيترائي انفيڪشن ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، هن کي پرفيوم ۽ باٿ سالٽ ۾ به استعمال ڪيو ويندو آهي.

لونگ جو تيل ٿورڙي ماکي ۽ ٿوم سان ملائي کائڻ سان کنگهه ختم ٿئي ٿي، جوڙن جي سور لاءِ به لونگ جو تيل ڪارائتو آهي، ان کانسواءِ مالش ڪرڻ سان کل جا مرض به ختم ٿين ٿا، ڪن جي تڪليف لاءِ هڪ چمچو تيل ۾ 2 لونگ وجهي ڀڃو ۽ ٿڌو ڪري ڪن ۾ وجهو، اوهان جي ڪن واري تڪليف به ختم ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.