هونڊا سي ڊي 70 ڊريم جي شوقينن لاءِ سٺي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هونڊا ڪمپني طرفان پنهنجي مقبول موٽرسائيڪل سي دي 70 جو نئون ماڊل سي ڊي 70 ڊريم متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو ٽن رنگن ڳاڙهي، ڪاري ۽ چاندي رنگ ۾ اچي ٿو.

اگهن ۾ مهانگائي سبب اها گاڏي هن وقت هڪ لک 68 هزار 900 رپين جي آهي پر ميزابن بينڪ جا واهپيدار هي موٽرسائيڪل سولين قسطن تي وٺي سگهن ٿا.

موٽرسائيڪل وٺندڙن لاءِ ٽي پلان آهن ٽئي پلان 42 هزار 225 رپيا روڪ ڏيڻ ۽ پوءِ ٻن يا ٽن سالن ۾ قسطون ڏيڻ وارا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.