پرڪشش نظر اچڻ لاءِ ڏکڻ ايشيائي عورتون ڇاتيءَ جي سرجري کي ترجيح ڏيڻ لڳيون!

اولهه مان متاثر ٿي ڏکڻ ايشيائي عورتون به ڇاتيءَ جي سرجري (بريسٽ ريڊڪشن سرجري) کي ترجيح ڏيڻ لڳيون.
ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ به”بريسٽ ريڊڪشن سرجري“ جو رجحان وڌي ويو، جنهن ۾ ڀارت سڀني کان اڳتي آهي.
نئين دهلي ۾ ڊيوائن ايسٿيٽڪس سرجري جي پلاسٽڪ سرجن ڊاڪٽر اميت گپتا موجب گذريل 5 سالن ۾ عورتن طرفان حسن ۾ تبديلي لاءِ ڇاتيءَ جي سرجري ۾ ساليانو 100 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ڊاڪٽر اڪانشا گوئل ۽ ڊاڪٽر سڌانشو پونيا به اها ئي ڳالهه ڪئي، جيڪي نئين دهلي ۾ بريسٽ ريڊڪشن سرجري جون ماهر آهن.
ڊاڪٽر پونيا چئي ٿي ته اڳ ۾ هر مهيني هڪ سرجري ڪندا هئاسين پر هاڻ هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سرجري ڪندا آهيون ۽ هر مهيني تقريبن 4 کان 5 ڪيس اڪلائيندا آهيون.
ڊاڪٽر گپتا اهو به مشاهدو ڪيو ته سرجريون ڪرائيندڙن ۾ نوجوان ڇوڪرين جو انگ وڌيڪ آهي.
سرجرين جي انگ ۾ واڌ جا ماهرن مختلف ڪارڻ بيان ڪيا آهن، جن ۾ سڀ کان پهريون اولهه اثر آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان ڀارتي روايتي طور ساڙيون ۽ ڪرتيون پائيندا آهيون پر وقت گذرڻ سان گڏ اولهه لباس جو رجحان به وڌيو آهي.
ڊاڪٽر گپتا موجب ڪپڙن جون ترجيحون ٽي شرٽس ۽ چست لباس ڏانهن منتقل ٿي ويون آهن، جنهن سان سيني جي حصي کي گهٽ سهارو ملندو آهي، جنهن سبب وڏين ڇاتين وارين عورتن کي تڪليف محسوس ٿيندي آهي.
هن چيو ته هاڻ وڏي ڇاتي سبب تڪليف ۾ مبتلا ٿيڻ بدران عورتون سرجرين تي پئسو خرچ ڪنديون آهن ته جيئن کين وڌيڪ تڪليف برداشت نه ڪرڻي پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.