عورتن کي مردن جا ظلم برداشت ڪرڻ جي ضرورت ناهي رهي: صنم سعيد

پاڪستاني معروف اداڪارا صنم سعيد چيو آهي ته هاڻ عورتن کي مردن جا ظلم برداشت ڪرڻ جي ضرورت ناهي رهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته هاڻ وقت بدلجي چڪو آهي، اڄڪلهه طلاقن جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي، ان جو سبب عورتن مالي طور مضبوط ٿيڻ آهي، هاڻ انهن کي مردن جا ظلم برداشت ڪرڻ جي ضرورت ناهي رهي.
هڪ يوٽيوبر کي انٽرويو ڏيندي اداڪارا ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ عورتن جي گهٽ عمر ۾ شادي ڪرائي ويندي هئي ۽ انهن جي تعليم کي اهميت نه ڏني ويندي هئي ۽ عورتن کي مڙسن جا ظلم برداشت ڪرڻا پوندا هئا.
هن چيو ته هاڻ عورتون تعليم حاصل ڪري خودمختيار ٿي رهيون آهن، تنهن ڪري ڪنهن جو ظلم برداشت ڪرڻ جون پابند ناهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.