پرنسپل اسڪول ۾ فيشل ڪرائيندي رهي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اترپرديش جي ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول جي عورت پرنسپل اسڪول ۾ شاگردياڻين لاءِ کاڌو پچائڻ واري سيڪشن ۾ پنهنجي چهري جو فيشل ڪرايو.

پرنسپل جي ان حرڪت جي وڊيو ٺاهيندڙ ٽيچر انعم خان تي پرنسپل سنگيتا سنگهه ڪاوڙجي پئي ۽ هن انعم خان کي ڊوڙي ڊوڙي پڪڙيو ۽ هٿ ۾ چڪ پاتو.

پوليس موجب پرنسپل جي چڪ پائڻ سبب انعم خان جي هٿن مان رت وهڻ لڳو، عورت پرنسپل جي اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.

تعيم کاتي پرنسپل سنگيتا خلاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي ۽ انعم جو طبي معائنو ڪرايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.