هانيا عامر ۽ ڀارتي فنڪار جي ٻيهر ملاقات، ويڊيو وائرل

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا هانيا عامر سان ملاقات لاءِ ڀارتي فنڪار بادشاهه دبئي پهچي ويو.
پاڪستاني اداڪارا انسٽاگرام تي پنهنجي پرستار ۽ ڀارتي فنڪار آدتيا پرتيڪ سنگهه عرف ”بادشاهه“ سان نئين پوسٽ شيئر ڪئي.
هانيا عامر ۽ بادشاهه جي ٻيهر دبئي ۾ ملاقات جي وڊيو سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي وئي، وڊيوز ۽ تصويرن ۾ پاڪستاني اداڪارا کي بادشاهه سان موج مستي ڪندي ڏٺو ويو.
اداڪارا ڪجهه فوٽو شيئر ڪندي ڪيپشن لکيو ته ”چندي ڳڙهه کان ريسڪيو اچي وئي آهي“
هن هڪ وڊيو پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هانيا ۽ بادشاهه کي ڳائيندي، ڪنسرٽ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
بادشاهه هانيا عامر کي پنهنجو گانو ”ايڪ تيرا نخرا نهين ايڪ تيري ڊريپ“ ۽ پاڪستاني گانو ”ڪالا جوڙا“ به ڳائي ڏيکاريو.
ڀارتي فنڪار پاڪستاني اداڪارا کان ڪيترائي سوال به ڪيا ۽ هانيا جي سوشل ميڊيا تي زبردست فالوونگ تي حيران به نظر آيو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ تصوير شيئر ڪندي پاڻ کي ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.