لاڙڪاڻي جي رهواسڻ مڙس جي ڊپ کان ڪراچي پهتي، تحفظ جي گهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي جي رهواسڻ مڙس جي ڊپ سبب ڪراچي پهچي تحفظ جي گهر ڪئي آهي.

لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي جي رهواسڻ فضيلا تنيو معصوم ٻارن سميت ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو.

سندس چوڻ آهي ته مڙس سعيد تنيو ڪراچي ۾ ڪيترائي ڀيرا طلاق ڏيڻ جي باوجود زيادتي ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي ڪوڙا الزام مڙهي قتل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ٻار کسڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته مان ڊپ سبب ڪراچي پهتي آهيان، مڙس کان طلاق ڏياري زندگي بچائي وڃي ٻي صورت ۾ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.