خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، 11 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي علائقن ڊيرا اسماعيل خان ۽ اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشنز ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران 10 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران هڪ دهشتگرد ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا، انهن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.