ڊاڪٽرياڻي کي خاڪروب ۾ اهڙو ڇا نظر آيو؟ پسند جي شادي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دل لڳي وڃي ته پوءِ دير ناهي ٿيندي، هڪ ڊاڪٽرياڻي کي به پنهنجو ئي ملازم خاڪروب پسند اچي ويو ۽ شادي جي آڇ به سهڻي ڊاڪٽرياڻي پاڻ کيس ڪئي.

ڊاڪٽرياڻي کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته هن ملازم ۾ ڇا ڏٺو ته پوءِ سندس چوڻ هو ته مون کي ڊپ هو ته هي ڇوڪرو هٿن مان نه نڪري وڃي، ان لاءِ شادي جي آڇ ڪري ڇڏيم.

اوڪاڙا جي ديالپور واري علائقي جي ڊاڪٽر ڪشور پنهنجي ملازم شهزاد سان نه رڳو محبت ڪئي پر شادي به ڪري ڇڏي.

نجي چينل تي جوڙي ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ۽ ڊاڪٽرياڻي چيو ته ملازم پرفيوم هڻي ايندو هو ۽ نظرون جهڪائي ڳالهائيندو هو جيڪو انداز مون کي پسند آيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس گهروارن جي ڊپ کانسواءِ پسند ڪيو.

ڊاڪٽرياڻي پهريان خاڪروب کان نمبر ورتو هو ۽ پوءِ سندس اسٽيٽس لائيڪ ڪندي هئي.

شادي کانپوءِ کين اسپتال ۾ طعنا ملندا هئا جنهن کانپوءِ هنن اسپتال ڇڏي ڏني ۽ هاڻي ڊاڪٽرياڻي پنهنجي ڪلينڪ هلائيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.