پهريون ڀيرو اولمپڪس مقابلن ۾ به اي آءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال

ارٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي تمام تيزيءَ سان اڳڀرائي ڪري رهي آهي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ ان جو استعمال ٿي رهيو آهي.
پر هاڻ پهريون ڀيرو اولمپڪس مقابلن ۾ به اي آءِ ٽيڪنالاجي استعمال ٿيندي.
انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي طرفان پئرس اولمپڪس لاءِ اي آءِ ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي.
آءِ او سي صدر اي آءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪيتريون ئي سروسز ۽ ٽولز متعارف ڪرايا، جن کي پئرس اولمپڪس کي بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
سوشل ميڊيا نگراني کان وٺي ايٿليٽس جي ٽريننگ ۽ براڊ ڪاسٽنگ تائين اي آءِ ٽيڪنالاجي 26 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ اولمپڪس مقابلن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.