سرڪاري نوڪري نه ملڻ تي همراهه گڏِهه جو کير کپائي لکا پتي بڻجي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات سان واسطو رکندڙ ڌيرن سولنڪي نامي شخص سرڪاري نوڪري نه ملڻ تي گڏهيون پالڻ شروع ڪري ڇڏيون، جنهن جي ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس آمدني لکن ۾ ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڌيرن سولنڪي گڏهين جو هڪ فارم قائم ڪيو آهي، سندس فارم ۾ 42 گڏهيون آهن ۽ انهن گڏهين مان ڌيرن هاڻ ماهوار ٻه کان ٽي لک رپيا ڪمائي رهيو آهي.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڌيرن سولنڪي چيو ته مان سرڪاري نوڪري جي ڳولا ۾ هيس، مون کي ڪجهه پرائيويٽ نوڪريون مليون پر پگهار مان گذارو نه پئي ٿيو، ان ئي وقت مان گڏهيون پالڻ جو سوچيو، مان تقريبن 8 مهينا اڳ پنهنجي ڳوٺ ۾ 20 گڏهين ۽ 22 لک رپين جي سيڙپڪاري سان اهو فارم ٺاهيو.
هن چيو ته منهنجو شروعاتي سفر ڏکيو هو، گجرات ۾ گڏهه جو کير ڪير نه وٺندو هو، 5 مهينا منهنجي ڪا آمدني نه ٿي، پوءِ ڀارتي ڪمپنين تائين کير جي سپلاءِ شروع ڪئي.
سندس چوڻ هو ته هاڻ مان ڪرناٽڪ ۽ ڪيرالا ۾ کير سپلاءِ ڪندو آهيان، گراهڪن جون ڪاسميٽڪ ڪمپنيون به آهن، جيڪي پنهنجي شين ۾ گڏهه جو کير استعمال ڪنديون آهن، ڀارت ۾ اهو کير 5 کان 7 هزار رپيا في ليٽر وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڳئون جو کير 65 رپيا في ڪلو ملندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.