ڊرامي ۾ وڪيلن بابت تڪراري ڊائيلاگ تي فيصل قريشي معافي گهري ورتي

ڊراما انڊسٽري جي سينئر اداڪار فيصل قريشي ”ظلم“ ڊرامي ۾ وڪيلن بابت تڪراري ڊائيلاگ تي معافي گهري ورتي آهي.
فيصل قريشي انسٽاگرام پوسٽ ۾ردعمل ڏيندي چيو ته ڊرامي جي ڊائيلاگ ۾ اداڪار جي ڪا غلطي ناهي هوندي، اداڪار اسڪرپٽ موجب پنهنجي ڳالهه ڪندو آهي.
اداڪار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن منهنجي لفظن سان ڪنهن کي ڪا تڪليف پهتي آهي ته معذرت ڪيان ٿو ۽ ٻيهر اهڙا ڊائيلاگ چوڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندس.
ڊرامي ۾ وڪيلن بابت ڊائيلاگ تي ڪراچي بار ايسوسي ايشن اداڪار فيصل قريشي، ٽي وي چينل ۽ ڊرامي جي آرگنائزر کان معافي جو مطالبو ڪيو هو.
بار ايسوسي ايشن جو چوڻ هو ته فيصل قريشي جي ڊرامي ۾ ڳالهايل ڊائيلاگ وڪيلن برادري جي دل آزاري جو سبب بڻيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.