تصوير کي شاعري ۾ تبديل ڪندڙ منفرد اي آءِ ڪئميرا

ڇا توهان ڪنهن اهڙي ڪئميرا جو تصور ڪري سگهو ٿا، جيڪا تصوير کي شاعري ۾ تبديل ڪري ڇڏي؟
يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر اي آءِ ٽيڪنالاجي اهو ممڪن ڪري ڇڏيو آهي، پوئٽري ڪئيمرا نالي هڪ ڊوائس تيار ڪيئ وئي آهي، جيڪا جديد ترين ٽيڪنالاجي سان ليس آهي ۽ تصويرن کي شاعراڻي لفظن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي.
پهرين نظر ۾ ته اها ڪئميرا ٻين ڊجيٽل ڪئميرائن جهڙي ئي نظر ايندي آهي پر غور سان ڏسڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته اها ڪا عام ڪئميرا ناهي.
رڳو تصوير ڪڍڻ بدران اها ڪئميرا منظرن کي نظر ۾ رکي شاعري ڪندي آهي.
Zhang ۽ Mather نالي ماهرن اها ڪئميرا ٺاهي ٽيڪنالاجي ۽ آرٽ ۾ پنهنجي مهارت کي ملايو آهي.
شروعاتي مرحلن ۾ ٻنهي ان ڊوائس لاءِ ڪيترن ئي اي آءِ ماڊلز کي استعمال ڪيو هو ۽ هاڻ چيٽ جي پي ٽي 4 کي شاعري لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
ان منفرد ڊوائس لاءِ ڪريڊٽ ڪارڊ جي ڪاٿي جي Raspberry Pi ڪمپيوٽر کي استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو ننڍو هجڻ باوجود وڌيڪ طاقتور آهي.
اهو ڪمپيوٽر تصويرون ڪڍندو آهي ۽ پوءِ ڊوائس ۾ موجود الٿورٿمز منظرن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪندا آهن.
پوءِ اي آءِ ماڊل تصوير جو جائزو وٺي ان جي رنگن ۽ ٻين عنصرن جي سڃاڻپ ڪندو آهي ۽ ان موجب شاعري جا لفظ تيار ڪندو آهي.
ان کي تيار ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اها ڊوائس اوپن سورس آهي ۽ واهپيدار پنهنجي پسند موجب شاعري جي مختلف قسمن جي چونڊ ڪري سگهن ٿا.
اڃا ان کي عام ماڻهن لاءِ تيار ناهي ڪيو ويو ۽ ان جي مختلف پهلوئن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.