هاڻي به ماڻهو شادي جي آڇ ڪندا آهن: نِشو بيگم جو انڪشاف

پاڪستاني فلم انڊسٽري جي ماضيءَ جي اداڪارا نِشو بيگم انڪشاف ڪيو آهي ته هاڻي به ماڻهو کيس شادي جي آڇ ڪري رهيا آهن.
اداڪارا نشو بيگم پنهنجي يوٽيوب چينل تي انڪشاف ڪندي چيو ته هاڻي به کيس ڪيترائي مرد شادي جي آڇ ڪندا آهن پر هوءَ شادي نٿي ڪرڻ چاهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ميڊيا ۾ منهنجين شادين تي چرچا رهيا آهن، مونکي ڪڏهن ڪنهن سان جوڙيو ويندو هو ته ڪڏهن وري ڪنهن سان، ۽ جڏهن ڪوئي پرستار يا دوست ملندو هو ته سڀ کان پهريان شادي تي سوال ڪيا ويندا هئا، منهنجي گهڻو وقت ته شادي جي ترديد ۽ تصديق ڪندي گذري ويو.
هن ٻڌايو ته هاڻي وري ڪيترائي ماڻهو ٻيهر شادي جو مشورو ڏئي رهيا آهن، ماڻهو چوندا آهن ته هڪ دفعو وري شادي جي فيصلي تي غور ڪيو ، پر مان انهن کي اهو چوڻ چاهيان ٿي ته ٻيهر شادي نه ڪنديس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.