اسلام آباد ۾ عورت موٽر وي پوليس اهلڪار تي گاڏي چاڙهي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ هڪ عورت موٽر وي پوليس اهلڪار مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي ۽ واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
موٽر وي پوليس ترجمان موجب واقعو پهرين جنوري تي پيش آيو هو ۽ عورت ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت کي موٽر وي پوليس روڪيو ته ان جو اهلڪارن تان تڪرار شروع ٿي ويو.
وڊيو ۾ عورت کي تيزي سان موٽر وي پوليس اهلڪار تي گاڏي چاڙهي فرار ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو.
پوليس ذريعن موجب اڻڄاتل عورت خلاف راولپنڊي جي نصيرآباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، اڃا گرفتاري ناهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.