اسٽاڪ ايڪسچنيج ۾ تيزي جا نوان رڪارڊ، انڊيڪس بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو هاڪاري ڏينهن رهيو، جتي 100 انڊيڪس نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
اڄ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات سان ئي 100 انڊيڪس ۾ هاڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو ۽ انڊيڪس 71 هزارن جي حد پار ڪري ويو.
ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 523 پوائنٽن جي واڌ سان 71 هزار 433 پوائنٽن تي بند ٿيو، هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 71 هزار 861 پوائنٽن تي به ٽريڊ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.