ڪراچي ۾ عورتون پنڪ بس سروس ذريعي مفت ۾ سفر ڪنديون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت عورتن لاءِ خاص پنڪ بس سروس جي ٻن نون روٽس جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
پيپلزپارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر ڪراچي جي عورتن لاءِ خاص پيپلز پنڪ بس سروس جي ٻن روٽس جو افتتاح ڪيو.
تقريب ۾ سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب، سلمان مراد ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
فريال ٽالپر چيو ته عورتن لاءِ آسان سفر واري سهولت سنڌ حڪومت جو تحفو آهي، سفري سهولتون ڏيڻ سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ ترقي ۽ خوشحالي ايندي.
پيپلز پارٽي اڳواڻ تقريب ۾ چئن عورت ڊرائيورن کي لائسنس ڏنا ۽ عورتن لاءِ ٻن مهينن تائين بس سروس مفت هلائڻ جو اعلان ڪيو.
تقريب ۾ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پنڪ بس سروس جي ٻن روٽس جا نمبر R-3 ۽ R-9 آهن، بس جو روٽ R-3 پاور هائوس چورنگي نارٿ ڪراچي کان ناصر جمپ ڪورنگي تائين جڏهن ته روٽ R-9 گلشنِ حديد کان ٽاور تائين آهي، ٻنهي نون روٽس تي مجموعي طور ڏهه بسون هلايون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.