سعودي سان سفارتي لاڳاپن جي بحالي، ايران مان 9 سالن کانپوءِ پهريون گروپ عمري لاءِ روانو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۽ سعودي عرب جي سفارتي لاڳاپن جي بحالي کانپوءِ ايران مان 9 سالن کانپوءِ پهريون گروپ عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب عمري جي ادائيگي تي ويندڙ ايراني گروپ 85 ڄڻن تي ٻڌل آهي.
ايراني ميڊيا ڊسمبر 2023 ۾ رپورٽ ڪيو هو ته سعودي عرب عمري جي خواهشمند ايرانين تي لاڳو پابنديون ختم ڪري ڇڏيون آهن پر تهران طرفان ٽيڪنيڪي مسئلن سبب اڏامون دير جو شڪار آهن.
واضح رهي ته ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي لاڳاپا گذريل سال مارچ ۾ چين جي ٽياڪڙي ۾ بحال ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.