پاڪستان ۽ ايران ۾ واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ ايران ۾ واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي.
اسلام آبا ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي مفاهمت جي يادداشت جي تقريب کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر ابراهيم رئيسي گڏيل پريس ڪانفرنس به ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا رڳو 76 سالن کان ناهن پر پاڪستان کي سڀ کان اڳ ايران تسليم ڪيو.
هن چيو ته غزا تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن پر دنيا چُپ آهي، جڏهن ته ڪشمير لاءِ آواز اٿارڻ تي ايراني صدر جا ٿورائتا آهيون.
ان موقعي تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو ته غزا جي عوام جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، غزا بابت جرئتمند موقف تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي سلام، سلامتي ڪائونسل غزا معاملي تي ذميواريون نه پئي نڀائي، غزا جي عوام کي هڪ ڏينهن انهن جو حق ۽ انصاف ملي ويندو.
هن چيو ته دوست ۽ پاڙيسري ملڪ پاڪستان سان تاريخي لاڳاپا آهن، اهي لاڳاپا ڪير ختم نٿو ڪري سگهي، دوست ملڪن ۾ گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، پاڪ – ايران واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.