پي ٽي آءِ باني جو هدف ملڪ کي نقصان پهچائڻ آهي، نوجوان اکيون پٽين: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي ويڙهه پيپلز پارٽي يا رياست سان ناهي، هو پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو.
پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان خلاف هڪ خراب سازش ڪئي پئي وڃي، هن سازش ۾ پي ٽي آءِ باني جو وڏو ڪردار آهي، مان سمجهان ٿو ته پي ٽي آءِ باني جو ٽارگيٽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ آهي.
هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ماڻهن ڪوڙا کاڌا، آصف علي زرداري جيل ڪاٽيا، نوجوان نسل اکيون پٽي، پي ٽي آءِ باني پنهنجي ٻارن کي لنڊن مان پاڪستان گهرائي ۽ تحريڪ هلائي، هن پنهنجي ٻارن کي محفوظ رکيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ججز جا خط تڏهن ڇو نه آيا جڏهن شهيد ڀٽو کي غير قانوني طور تي قيد ۾ رکيو ويو، بينظير ڀٽو جي چونڊيل حڪومت ڪيرائي وئي، اهي خط تڏهن لکيا وڃن ها جڏهن افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار جهڙا ڪارا دور جاري هئا، هي خط تڏهن لکيا وڃن ها جڏهن ثاقب نثار بدمعاشي ذريعي قانون جو مذاق بڻايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.