بابر اعظم طرفان شادي جي آڇ؟ نازش جهانگير ڪهڙو جواب ڏنو

پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا نازش جهانگير جو قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سان شادي بابت سوال تي ڏنل جواب وائرل ٿي ويو.
نازش جهانگير طرفان انسٽاگرام تي اسٽوري ۾ پنهنجي پرستارن لاءِ سوال ۽ جواب جو سيشن رکيو ويو، جنهن ۾ پرستارن اداڪارا کان دلچسپ سوال ڪيا.
سيشن ۾ هڪ پرستار نازش جهانگير کان پڇيو ته جيڪڏهن توهان کي بابر اعظم طرفان شادي جي آڇ ٿئي ته توهان جو جواب ڇا هوندو؟
پرستار جي سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته ”مان معذرت ئي ڪندس“
نازش جي جواب جو اسڪرين شارٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، جنهن تي واهپيدارن جا دلچسپ تبصرا جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.