سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان ملتوي، نئون شيڊول جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ( ايس پي ايس سي) سڀاڻي ٿيندڙ سمورا امتحان ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
خابرو اداري موجب ڪشمنر ڪراچي طرفان 23 اپريل تي ڪراچي ڊويزن ۾ عام موڪل واري اعلان کانپوءِ اهڙو فيصلو ڪيو ويو.
ايس پي ايس سي موجب رياضي، ڪمپيوٽر ۽ ٻين سبجيڪٽن جي ليڪچررز ( بي پي ايس 17) جي ڀرتين لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سمورن سينٽرن ٿيندڙ امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سمورن سينٽرن تي امتحان 8 مئي 2024ع تائين ملتوي ڪيا ويا، جڏهن ته باقي شيڊول ۽ ايس او پيز ساڳيا رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.