ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف نئين حڪمت عملي تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت اسٽريٽ ڪرائمز ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف ٻه طرفي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ سنڌ جي ايپڪس ڪميٽي 30هون اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، سڌ سماءُ وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته دهشتگردي ۽ ڊرگ مافيا جو خاتمو ڪري صوبي ۾ هر صورت امن امان جي بحالي چاهيون ٿا، ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ پهريان به امن امان ڪرايو هو ۽ هاڻي به امن ڪرايو ويندو، اجلاس ۾ وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي اسٽريٽ ڪرائمز خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز ۽ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٻي طرفي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ذريعي بازار ۾ چوري واري سامان جي وڪري ۽ خريد ڪرڻ وارن خلاف به ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو.
ايپڪس ڪميٽي جي فيصلي موجب اسٽريٽ ڪرملنز جي مڪمل ڊيٽا تي پوليس ۽ سي ٽي ڊي سميت اسپيشل برانچ به باقاعدگي سان ڪم ڪندي.
وڏي وزير سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي ته ڏوهن جي خاتمي لاءِ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.