آءِ پي ايل ۾ امپائر سان بحث ڪرڻ ڪوهلي کي مهانگو پئجي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ رائل چيلينجرز بنگلور جي بيٽر ويرات ڪوهلي کي امپائر سان بحث ڪرڻ مهانگو پئجي ويو.
اسٽار بيٽسمين ويرات ڪوهلي تي آچر ڏهاڙي ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز خلاف مئچ دوران امپائر سان بحث ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي مئچ جو 50 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.
مئچ ريفري موجب ڪوهلي آءِ پي ايل مئچ ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي آرٽيڪل 2.8 جي ليول 1 جي خلاف ورزي ڪئي.
ٻي پاسي ڪوهلي پنهنجي غلطي مڃيندي مئچ ريفري جو فيصلو قبول ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.