ڪوئيٽا ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي بي 50 قلعه عبدالله ۾ ضمني چونڊن دوران پولنگ عملي جي مبينا اغوا جو نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر قلعه عبدالله ۾ پولنگ عملي جي اغوا بابت ميڊيا جي رپورٽن جو نوٽيس ورتو.مختلف اميدوارن ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن صوبائي اليڪشن ڪمشنر بلوچستان ۽ ڊپٽي ڪمشنر قلعه عبدالله کان تڪ پي ايس 50 جي پولنگ عملي جي مبينا اغوا تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڊپٽي ڪمشنر قلعه عبدالله زباني چيو ته پولنگ عملي جي اغوا جو ڪو به واقعو ناهي ٿيو.