سرڪار سنڌ جي زمينن تي قبضن لاءِ ڌاڙيل راڄ پيدا ڪيو آهي: لال جروار

ٺري ميرواهه (پ  ر) عوامي تحريڪ ضلعي خيرپور ميرس طرفان ڳوٺ سپاهي منگي ۾ جشن لطيف جو جلسي عام ڪيو ويو. جلسي عام ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. جشن لطيف جي جلسي عام کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، سنڌي هاري تحريڪ  جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حسين سومرو، عوامي تحريڪ ضلعي خيرپور جي صدر ڪامران منگي، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مدد لغاري، عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ امير علي منگي، حاڪم حاجياڻو، محمد هارون پيرزادو، پ ٽ الف جي اڳواڻ ذولفقار جوڳي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ غلام علي عامر، نوجوان اتحاد جي اڳواڻ سرواڻ سنڌي، سماجي اڳواڻ امين خاصخيلي، سماجي اڳواڻ مرتضيٰ شر، فيض محمد پهنيار، سماجي اڳواڻ محمد امين خاصخيلي، مرتضيٰ شر، سارنگ راجا، سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻ احمد فراز، دعا منگي، اقصه منگي، قادر بخش، علي نواز ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته لطيف سنڌ جو يگانو مفڪر، عوام دوست، پورهيت دوست، انسان دوست ۽ عوامي انقلابي شاعر هو. لطيف عام مسڪين ماڻهن، غريبن ۽ پنهنجي وطن سان پيار ۽ محبت ڪرڻ جو درست ڏنو. لطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي. لطيف سنڌ جي قومي حقن جي سياست ۾ رهنمائي ڪندڙ آهي. لطيف سائين جو فڪر ۽ فلسفو سنڌ ۾ پکيڙي انتهاپسندي کي ختم ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ جي زمينن تي قبضن لاءِ ڌاڙيل راڄ پيدا ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جا وڏيرا ڌاڙيلن جا سرپرست آهن. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ پکيڙڻ جي ذميوار آهي. مافيا سنڌ کي مال غنيمت سمجهي لٽي رهي آهي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عالمي سامراج جي پٺو حڪمرانن قائد اعظم جي سيڪيولر پاڪستان کي انتهاپسندن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان کي آءِ ايم ايف ۽ عالمي سامراجي ادارن وٽ يرغمال بڻايو ويو آهي. حڪمران ملڪ جو سودو ڪري چڪا آهن. ملڪي اشرافيه پنهنجي مفادن خاطر محمد علي جناح جي پاڪستان جو چهرو مسخ ڪيو آهي. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس غير آئيني آهي. ارسا ايڪٽ ترميم جمهوريت جو قتل آهي. حڪمران ملڪ کي آئين تحت هلائين. هن وڌيڪ چيو ته حڪمران پنهنجو قبلو درست ڪن. حڪمران ملڪ کي ڪمزور ڪري آئين سان غداري ڪري رهيا آهن. سمورن مظلوم قومن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن. پروگرام ۾ لطيف جي وائي پيش ڪئي وئي. قومي راڳين  سهيل پيرزادو ۽ حميد خاصخيلي قومي گيت پيش ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.