جيڪب آباد(رپورٽ: سڪندر علي سرڪي ) جيڪب آباد پوليس پاران هٿيار هٿ ڪرڻ وارو مامرو، گرفتار ٿيل پوليس اهلڪارن جو صوبائي صلاحڪار(بابل ڀيو) جي پروٽوڪول ۾ هئڻ جو بيان، پوليس ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود ويگو گاڏي جي مالڪ ۽ پوليس موبائيل جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ناڪام خبر موجب جيڪب آباد پوليس هٿان هٿيارن جي اسمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل اي ايس آءِ امتياز ڀيو، اهلڪارن ثناءُ الله مڱڻهار ۽ بقا الله انڙ کان جيڪب آباد پوليس جي جاچ جاري آهي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ته گرفتار ٿيل اهلڪارن پوليس کي بيان ۾ چيو ته اسان صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو جي پروٽوڪول ۾ هوندا آهيون صوبائي صلاحڪار جي گاڏي سان گڏ بلوچستان کان واپس شڪارپور وڃي رهيا هئاسين جڏهن ته پوليس ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود ويگو گاڏي جي مالڪ تائين نه پهتي نه ئي شڪارپور پوليس جي نشاندهيءَ ڪئي وئي آهي ته اها پوليس موبائيل ڪنهن جي حوالي ٿيل آهي ايس ايس پي جيڪب آباد پاران جوڙيل جي آءِ ٽي به باضابطا طور پنهنجو ڪم شروع نه ڪيو آهي جي آءِ ٽي پاران موڪل جا ڏينهن هئڻ جو جواز ڄاڻائي اڄ کان جاچ شروع ڪرڻ بابت چيو ويو آهي ان سلسلي ۾ جي آءِ ٽي سربراهه ڊي ايس پي سلطان چانڊيو ٻڌايو ته موڪل جو ڏينهن هئڻ سبب ويگو گاڏي جو رڪارڊ نه ملي سگهيو آهي سومر تي ايڪسائيز اختيارين سان رابطو ڪري وڌيڪ تفصيل ورتا ويندا جنهن کانپوءِ گهڻ رخي جاچ ڪئي ويندي هوڏانهن ٻئي پاسي ويگو گاڏي ۽ پوليس موبائيل ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ واري ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهلڪار طارق ترين، محمد آصف ۽ آءِ ٽي جي انچارج شفاعت اعواڻ جو هڪ هفتو اڳ گهوٽڪي بدلي ٿيڻ واري آرڊر کي رد ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي سليم شاهه ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي خط لکيو آهي خط ۾ لکيو ويو ته جيڪب آباد پوليس جا 3 اهلڪار گهوٽڪي ضلعي بدلي ڪيا ويا آهن انهن جي رليونگ رد ڪئي وئي آهي اوھان انهن جي بدلي جو آرڊر واپس ڪريو ڇو ته انهن اهلڪارن کي اهم ذميواري مليل آهي اهلڪارن جي بدلي ٿيڻ سبب اهم سونپيل ڪم پورو نه ٿيندو جنهن لاءِ انهن اهلڪارن جي بدلي جي آرڊر کي رد ڪري جيڪب آباد ضلعي ۾ ئي رکيو وڃي