لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزيرِ اعليٰ مريم نواز دعويٰ ڪئي آهي ته ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ جا سمورا اميدوار واضح اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا.
پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته ن ليگ جو ووٽر ٻاهر نڪري رهيو آهي جيڪو سٺو سنئوڻ آهي.
هن چيو ته ن ليگ جا سمورا اميدوار واضح اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا.
مريم نواز چيو ته سندن مشن نواز شريف جي ويجن کي اڳتي وڌائڻ آهي، نواز شريف جي قيادت ۾ ن ليگ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اندر پنجاب جي عوام کي رليف ڏنو، پنجاب ۾ جلد ليپ ٽاپ ۽ آءِ پيڊ اسڪيم متعارف ڪرائنداسين.
You might also like