ننڍي چونڊ: اليڪشن ڪميشن پاران نارروال ۾ سياسي ڪارڪن جي مارجڻ جو نوٽيس، رپورٽ طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن پي پي 54 نارووال ۾ ننڍي چونڊ دوران پولنگ جي ويجهو هڪ سياسي ڪارڪن جي مارجڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتوآهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا واقعي تي ڊي پي او نارروال سان فون تي رابطو ڪيو ۽ معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب، چيف اليڪشن ڪمشنر ذميوارن خلاف ترت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
ن ليگ دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل شخص مسلم ليگ ن جو ڪارڪن هو جنهن کي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ طرفان الزامن جي ترديد ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.