ننڍي چونڊ، پولنگ جو وقت ختم ۽ ڳڻپ شروع، نارروال ۾ سياسي ڪارڪن جي مارجڻ جو نوٽيس

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي 21 تڪن ۾ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿي ويو.
قومي اسيمبلي جي 5 ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي 16 سيٽن تي پولنگ صبح 8 وڳي کان شروع ٿي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهي.
پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ پولنگ اسٽيشنز اندر موجود ماڻهو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا.
پولنگ دوران پنجاب ۾ ڪجهه هنڌن تي سياسي جماعتن جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون.
صوبائي اسيمبلي جي سيٽ 139 شيخوپورا ۾ پولنگ اسٽيشن ٻاهران سني اتحاد ڪائونسل ۽ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿيو، مخالف ڪارڪنن هڪٻئي تي مڪن ۽ چماٽن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن پي پي 54 نارووال ۾ ننڍي چونڊ دوران پولنگ جي ويجهو هڪ سياسي ڪارڪن جي مارجڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتوآهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا واقعي تي ڊي پي او نارروال سان فون تي رابطو ڪيو ۽ معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب، چيف اليڪشن ڪمشنر ذميوارن خلاف ترت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
ن ليگ دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل شخص مسلم ليگ ن جو ڪارڪن هو جنهن کي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ طرفان الزامن جي ترديد ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.