جپان: ٻه فوجي هليڪاپٽرز سمنڊ ۾ ڪِري تباهه، هڪ ڄڻو اجل جو شڪار، 7 ڄڻا گم

ٽوڪيو ( ويب ڊيسڪ ) جاپان جا 2 فوجي هيليڪاپٽرز سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويا جنهن سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 7 ڄڻا لاپتا آهن، امڪاني طور تي ٻئي جهاز پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا هئا.
سيلف ڊفينس فورس جي ترجمان موجب حادثو ڇنڇر تي پيش آيو، حادثي کانپوءِ هڪ شخص کي ريسڪيو ويو جڏهن ته بعد ۾ سندس موت جي تصديق ڪئي وئي.
جاپاني دفاع واري وزير منورو ڪيهارا چيو ته امدادي ڪارڪنن سمنڊ ۾ جهاز جو حصو ڏٺو ۽ اسان کي يقين آهي ته ٻئي هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.