سکر ۾ مڙس زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

سکر (ويب ڊيسڪ ) سکر ۾ مڙس گهٽائي ڏئي زال کي قتل ڪري ڇڏيو
پراڻي سکر واري علائقي ۾ قريشي ڳوٺ ۾ جوابدار مڙس صحيب شيخ پنهنجي زال سلما شيخ کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو.
لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار سلما کي قتل ڪرڻ بعد لاش ٽنگي ڇڏيو هو، انصاف ڪيو وڃي،
پوليس جوابدار صحيب شيخ سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.