ڪراچي جَي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جا واقعا، 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جَي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جَي ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا.
گلستان جوهر ۾ ڪار سوار جِي فائرنگ ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو مارجي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شخص وٽان هٿيار، موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي
پوليس چيو ته شهرين موجب موٽرسائيڪل سوار ڦورو هو، کيس ڪار سوار گولي هنئي.
ٻئي طرف ڊفينس خيابان جانباز ويجهو گاڏيءَ تي فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته همايون کي سندس دوست فهد قتل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.