ايلون مسڪ ڀارت جو دورو نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) ٽيسلا جَي سربراھه، ايڪس ڪمپني جَي باني ۽ دنيا جَي امير ترين شخص ايلون مسڪ ڀارت جو دورو ملتوي ڪيو آهي ۽ اِن سان گڏوگڏ ڪارڻ به ٻڌائي ڇڏيو.
ايلون مسڪ پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ پيغام جاري ڪندي تصديق ڪئي ته هو في الحال ڀارت جو دورو نه پيو ڪري.
ايلون مسڪ ڪارڻ ٻڌائيندي لکيو ته هُن تي ٽيسلا جِي وڏي ذميواري اچي وئي آهي، هلندڙ سال جَي آخر ۾ ڀارت جو دورو ڪندو.
واضح رهي ته ايلون مسڪ کي 21 ۽ 22 اپريل تي ٻن ڏينهن لاءِ ڀارت جَي دوري تي پهچڻو هو پر دورو ملتوي ڪيو ويو.
ايلون مسڪ کي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ڪري پنهنجي ڪاروبار لاءِ سيڙپڪاري جَي منصوبن جو اعلان ڪرڻو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.