خودڪشين ۽ ڊپريشن جا سبب

تحرير: اياز لطيف پليجو 

)ان موضوع تي گذريل ٻن ٽن ھفتن ۾ جام پڙھيو اٿم، ڪڏھين تفصيل سان نوجوانن سان مخاطب ٿبو(

مُک ۽ بنيادي سبب؛

  1. 1. سماج ۾ اميد ۽ ويساھ مري وڃڻ، ته ڇا به ڪجي، ڪيترو به  ڪجي، ھتي ڪجھ به  بھتر نٿو ٿي سگھي، پنجن ڏھن سالن کان پوءِ به  حالتون ائين ئي ھونديون.
  2. 2. نوڪريون وڪامڻ ۽ ميرٽ تي نه ملڻ، مختلف ضلعن ۾ روزگار ۽ صنعتون نه ھئڻ، زراعت جي تباھي.
  3. 3. زندگي ۾ مستقل بنيادن تي وڏا ۽ عظيم مقصد ۽ ايمز نه ھئڻ. وطن، قوم، وسيلن، سياست، ڪيريئر ۽ علم کان لاتعلقي.
  4. 4. مطالعو نه ڪرڻ، ٻين عظيم ماڻھن جي زندگين، مشڪلاتن ۽ چيلينجز کان آگاھ نه ھئڻ.
  5. اڪيلائي، گھر ڀاتين سان صرف ڪم ڪار جو رشتو، ڪچھريون نه ڪرڻ، زندگيءَ ۾ دوست ۽ دلربا ماڻھو نه ھئڻ. انھن سان روز يا ھفتي ۾ ٻٽي ڀيرا نه  ملڻ. نه  گھمڻ، ماحول نه  مٽائڻ.
  6. 6. گذريل ڪجھه سالن ۾ مھنگائي جي شديد لھر جي ڪري بي انتھا غربت وڌڻ، بنيادي ضرورتون پوريون نه ٿيڻ ۽ زندگي بي چس ۽ عذاب بڻجي وڃڻ.
  7. 7. سرڪاري شعبن ۽ گورمينٽ جو مڪمل ڪرپٽ ھئڻ، بنا پيسن جي ڪو به جائز ڪم نه ٿيڻ، ترقياتي بجيٽ جو نوي سيڪڙو کاڄي وڃڻ.
  8. 8. پنھنجن ٻارن سان، جيون ساٿي سان، ماءُ پيءَ سان ۽ ڀائرن ڀيڻن سان ڪچھريون نه ڪرڻ، انھن جا مسئلا ۽ خيال نه ڄاڻڻ، انھن جي تربيت نه  ڪرڻ، انھن کي سٺيون فلمون، علمي ڊاڪيومينٽريز نه  ڏيکارڻ، سٺا ۽ موٽيويشنل ڪتاب نه  پڙھائڻ.
  9. 9. ڊپريشن يا ذھني، نفسياتي ۽ دماغي بيمارين کي عيب، توھين ۽ باعث شرمندگي سمجھڻ، انھن بيمارين جو وقت سر علاج نه ڪرائڻ.
  10. 10. پنھنجي ڪنھن جسماني بيھڪ يا مھانڊن کي ڪمزوري يا عيب سمجھڻ. ننڍي ھوندي کان دادلو ۽ نازڪ ھجڻ.

11.سٺو روزگار نه  ھئڻ، ماسٽرز ليول تائين سٺي تعليم حاصل نه  ڪرڻ ۽ بامقصد پروفيشنل ڊگري نه  وٺڻ.

12.ارب پتين ۽ ڪروڙ پتين جي نمائش، ڪاڄ، بنگلا، گاڏيون، دعوتون، گارڊ ۽ زيورن، فون ۽ لباس جو ڏيکاءُ.

13.منشيات، شراب، گٽڪن، پان، سوپارين، ڪيميڪل وارين چانھين، آئيس ۽ مين پورين جي استعمال سان صحت تباھ ٿيڻ ۽ آمدني انھن تي خرچ ٿي وڃڻ.

14.ڏُوھن کي ڪمائي جو شارٽ ڪٽ سمجھندڙ ڪرمنل ماڻھن سان اٿڻ ويھڻ، اثر ۾ اچڻ ۽ دوستي رکڻ.

15.جسماني پورھيو، ورزش، واڪ نه  ڪرڻ، کنڊ، لوڻ ۽ سڻڀ نه  گھٽائڻ، ڀاڄيون نه  کائڻ، وقت سر طبي ٽيسٽون نه  ڪرائڻ.

16.ڳوٺن کان ننڍن شھرن ۾ ۽ ننڍن شھرن کان صحت، تعليم ۽ روزگار جي سھولت وارن وڏن شھرن  ۾ اچي آباد ٿيڻ جو رجحان گھٽ ھئڻ.

17.پيار ۽ عشق ۾ انتھا پسند ٿيڻ، پوسيسو ٿيڻ، پنھنجي راءِ مسلط ڪرڻ، بريڪ اپ ٿيڻ يا ٺُڪرائجڻ کي دوکو، تباھي ۽ توھين سمجھڻ ۽ ڪنھن فرد کي ڪُل ڪائنات ۽ آخري منزل سمجھڻ.

18.اسڪلڊ ھنر ۽ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ھمٿ نه  ھئڻ، رسڪ نه  کڻڻ.

19.ڪنھن نفسياتي، جسماني، مالي، جنسي ۽ ٻاھرين دٻاءُ، زيادتي، ڌمڪي يا بليڪ ميلنگ وقت، گھر ۾ ڪو اھڙو ھمدرد ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ، مائيٽ يا دوست نه  ھئڻ جيڪو مدد ڪري، مصيبت مان ڪڍي، ھمٿائي يا رھنمائي ڪري. مرڳو وڪٽم بليمنگ جو خدشو.

  1. 20. زيادتي ۽ ناانصافي تي پوليس، قانون لاڳو ڪندڙن، انتظاميه ۽ عدالتن پاران مدد ۽ انصاف نه ملڻ. گھر ڀاتين يا باس جا ظالمانه يا غيرانساني رويا.
  2. 21. اخلاقي معيار تباھ ٿيڻ ۽ ”نائيھل ازم“ جا خيال رکڻ ته زندگيءَ جو ڪو به مقصد ڪونھي، فضول پيا جيون.
  3. 22. ڪرپٽ نظام جو اثر سول سوسائٽي، پروفيشنلز ۽ اين جي او سيڪٽر تي پوڻ ۽ اتي اٽڪل، ٺڳي، اقرباپروري ۽ ڪرپشن عام ھئڻ.

23.مدي خارج روايتون، قبيلائي، انتھاپسندانه، مرشدانه ۽ وڏيرڪو نظام.

  1. پسند جي شادي نه ٿيڻ، ذات برادري کان ٻاھر سڱ نه ڏيڻ، ننڍي عمر جي زوري شادي، ھڪ ٻي پويان ٻار، صحتمند بائيولاجيڪل ضرورتن کي عيب ۽ گناھ سمجھڻ.
  2. مڪمل ڪرپٽ ڪيل سماج جي ھر شھر، پاڙي ۽ ڳوٺ ۾ اھڙن ڪرپٽ فردن جي موجودگي، انھن سان ريس، ساڙ ۽ مقابلو، جن جي باري ۾ سڀ ڄاڻن ٿا ته اھي بنا ڪنھن محنت، بنا ڪنھن جائز ڪاروبار ۽ ايماندارانه نوڪري جي، فقط ڪرپشن ۽ اقتدار جي بنياد تي چند سالن ۾ ڪک پتي مان ڪروڙ پتي يا ارب پتي بڻيا آھن.

اچو ته  سڀ گڏجي سوچيون ته  مٿين سببن ۽ وڌندڙ مايوسي ۽ ڊپريشن جو گڏجي مقابلو ڪيئن ڪيون؟ استادن، ليکڪن، ڊاڪٽرن، سياسي ۽ سماجي ادارن ۽ اڳواڻن کي گذارش ٿو ڪيان ته  مٿين موضوع ۽ اھم نقطن تي ھنگامي بنيادن تي سندن ڳوٺن، شھرن، پاڙن ۽ ادارن ۾ ليڪچرن ۽ ڪچھرين جو انتظام ڪن. پاڻ سڀني کي گڏجي سنڌ کي خطرناڪ مايوسي جي اوڙاھ مان ڪڍڻو پوندو…

 

اچو ته  سڀ گڏجي سوچيون ته  مٿين سببن ۽ وڌندڙ مايوسي ۽ ڊپريشن جو گڏجي مقابلو ڪيئن ڪيون؟ استادن، ليکڪن، ڊاڪٽرن، سياسي ۽ سماجي ادارن ۽ اڳواڻن کي گذارش ٿو ڪيان ته  مٿين موضوع ۽ اھم نقطن تي ھنگامي بنيادن تي سندن ڳوٺن، شھرن، پاڙن ۽ ادارن ۾ ليڪچرن ۽ ڪچھرين جو انتظام ڪن. پاڻ سڀني کي گڏجي سنڌ کي خطرناڪ مايوسي جي اوڙاھ مان ڪڍڻو پوندو…

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.