اسرائيل جي اڳرائي ۽ نڪاراگوا جي عدالت ۾ هلندڙ ڪيس

تحرير: سنڌيڪار:عاطف ملاح

نڪاراگوا، جرمني خلاف انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي. هن جرمني مٿان الزام لڳايو آهي ته جرمني اسرائيل جي غزه نسل ڪشي ۾ مدد ڪري رهيو آهي. ڏکڻ آمريڪي ملڪ انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته هو برلن کي اسرائيل کي هٿيار ۽ ٻي مدد فراهم ڪرڻ کان روڪي.

پنھنجي 43 صفحن تي ٻڌل ڪيس ۾ نڪاراگوا چيو آهي ته جرمني اسرائيل کي فوجي هٿيار فراهم ڪرڻ ۽ گڏيل قومن طرفان فلسطين لاءِ ڪم ڪندڙ اداري جا فنڊ روڪي 1948 واري نسل ڪشي ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. ڪورٽ اڳيان نڪاراگوا جي نمائندي  جو چوڻ آهي ته جرمني نسل ڪشي ۾ اسرائيل کي مدد فراهم ڪري رهيو آهي. سوين ۽ هزارين ماڻھن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن. ڪورٽ نسل ڪشي روڪڻ جو حڪمنامو جاري ڪري.

جرمني سياسي ۽ فوجي طور غزه مٿان اسرائيلي جارحيت جي پٺڀرائي ڪئي آهي. اسرائيل غزه ۾ 33 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ماري چڪو آهي، جنهن ۾ وڏو تعداد عورتن ۽ ٻارڙن جو آهي. آمريڪا کانپوءِ جرمني يهودي رياست کي هٿيار پهچائيندڙ ٻيون نمبر ملڪ آهي. اسرائيلي فوج غزه ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ هٿيار جرمني جا استعمال ڪري رهي آهي. آمريڪا ۽ جرمني گڏيل طور اسرائيل کي غزه جنگ جا 98 سيڪڙو هٿيار فراهم ڪن ٿا. ٻئين نسل ڪشي جا ذميوار آهن.

جرمني جي اسرائيل ڏانھن ويندڙ هٿيارن جو تعداد گذريل سال کان وڌيو آهي. اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي رپورٽ موجب هٿيارن جي فراهمي ۾ واڌارو اسرائيلي اڳراين وارن دورن ۾ ٿيو آهي. برلن اسرائيل جي انھن الزامن ته حماس جي آڪٽوبر 7 واري حملي ۾ گڏيل قومن جي فلسطين لاءِ اداري جا ڪجهھ ماڻھو به ملوث هئا ان کانپوءِ UNRWA جيڪا فلسطين لاءِ گڏيل قومن جو ادارو آهي ان جي فنڊنگ پڻ بند ڪري ڇڏي آهي. جرمني هيستائين گڏيل قومن جو سهڪار ڪندڙ ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي.

يورپين ملڪ جيڪو هولو ڪاسٽ واقعن بعد وجود ۾ ايندڙ نسل ڪشي ڪنوينشن جو حصو پڻ آهي سو انهن چند ملڪن مان آهي جيڪي دنيا جي اڀرندڙ مطالبي جنگبندي جي خلاف آهي. دنيا ۾ ۽ خود ملڪ اندر احتجاجن باوجود به جرمني اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ غزه جنگبندي لاءِ ووٽن ۾ ٻه دفعا جرمني پاڻ کي پاسيرو رکيو آهي. اسرائيل جي غير مشروط حمايت سان گڏ جرمن اڳواڻن غزه جنگ جي بي ياور مددگار فلسطينين مٿان اثرن تي به پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. جرمن جي پرڏيهي وزير اننالينا بيربڪ کان جنگبندي لاءِ جرمن ڪوششن بابت جڏهن پڇيو ويو ته هن چيو ته” اهو سياستدانن جو ڪم ناهي ته هٿيارن کي چون ته بند ٿيو“ سندس بيانيو خطي جي دوري بعد ڪجهھ نرم ٿيو هوندو جو هُن خود چيو ته صورتحال” دوزخ “ جيان آهي، پر تنهن باوجود به جرمني جنگبندي جو مطالبو نه ڪري رهي آهي.

سندينستا نيشنل لبريشن فرنٽ جي نڪاراگوا حڪومت جرمني مٿان انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس ۾ سندس ڪيس ڪورٽ جي هڪ ٻئي الڳ ڪيس جيڪو سائوٿ آفريڪا طرفان ڪيو ويو هيو تنھن فيصلي جي روشني ۾ داخل ڪيو آهي. جنوري ۾ ڪيل ان ڪيس ۾ ڪورٽ اهو حڪم ڏنو هيو ته اسرائيل نسل ڪشي جي ڪنھن به ڪوشش کي فوري طور بند ڪري. پريٽوريا اسرائيل مٿان غزه پٽي ۾ نسل ڪشي جو الزام لڳايو آهي.

جيتوڻيڪ انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جي فيصلن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. اسرائيل ڪورٽ جي حڪمن کي پاسيرو ڪندي پنهنجو فوجي آپريشن جاري رکيو آهي. اسرائيل گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي غزه جنگبندي قرارداد تي پڻ ڪو عمل نه ڪيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا ۽ جرمني جهڙن ٻين ملڪن جي مدد اسرائيل کي سندس نسل ڪشي واري جنگ وڌائڻ لاءِ همٿايو آهي.

بائيڊن جي اسرائيل جي مدد جو هڪ اهم سبب هٽلر طرفان 1940 ۾ هولو ڪاسٽ جون ڪارروايون آهن جن ۾ لکين يهودي ماريا ويا هئا. جرمني پنهنجي نازي واري ماضي مٿان پاڻي ڦيرڻ لاءِ يهودي رياست جي مدد جاري رکي آهي جيڪا يهودي رياست هاڻي خود نسل ڪشي واري جنگ ڪري رهي آهي.

جرمني گهڻو اڳ اسرائيل جي سيڪيورٽي سندس (رياستي ۽ حڪومت ذميواري) ٺاهي آهي. اهو اصطلاح سڀ کان پهرين جرمن جي اسرائيل ڏانھن سفير طرفان 2000ع جي شروع ۾ ڪتب آندو ويو هيو ۽ هاڻي جرمن اڳواڻن طرفان يهودي رياست جي حمايت ۾ ان جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جرمن چانسلر اولف سڪولز اسرائيل جي مدد لاءِ اهو جواز پيش ڪيو ته اهو سڀ ڪجهه” جمهوريت “ آهي.

اهڙا دليل اسرائيل جنگي ڏوهن کي هوا ڏين ٿا ۽ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هن وقت غزه ۾ نسل ڪشي واري جنگ ۾ جرمن پڻ شريڪ آهن. جرمني نڪاراگوا جي الزامن کي رد ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هن نه نسل ڪشي ڪنوينشن کي رد ڪيو آهي ۽ نه ئي عالمي انساني قانون کي رد ڪيو آهي. هو پنھنجي ان موقف جي انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس اڳيان وضاحت ڪري سگهي ٿو.

برلن لاءِ مٿس لڳل الزامن کان ڪن ڪڍائڻ سولو ناهي. خاص ڪري جرمني کي سندس اسرائيل جي انڌي مدد تي ملڪ اندر ئي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جرمني جي حڪومت سڀني اسرائيل مخالف احتجاجن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، انھن احتجاجن کي رياست مخالف ڪوٺيو ويو آهي. پر اسرائيل جي جنگي ڏوهن آڏو اها پابندي ڪجهھ ناهي ۽ ماڻھو پنھنجي غم غصي جو کليو اظهار ڪري رهيا آهن. خود انتظاميا مان پڻ آواز اٿي رهيا آهن.

جرمني جي سول سروس جي 600 ماڻھن جي هڪ گروپ جرمني جي حڪومت کي فوري طور تي اسرائيل کي هٿيار فراهمي معطل ڪرڻ جو مطالبو رکيو آهي. ان ميمورينڊم اسرائيل کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ اسرائيل جي جنگي ڏوهن تي ننديو آهي. ان بيان ۾ جنوري ۾ انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جي ان فيصلي جو حوالو پڻ ڏنو ويو جنھن ۾ ڪورٽ چيو ته اسرائيل جو فوجي آپريشن نسل ڪشي جي زمري ۾ اچي ٿو .

رڳو جرمني ئي اولهھ جو هڪڙو ملڪ ناهي جنهن اسرائيلي جنگي ڏوهن جي پٺڀرائي ڪئي آهي. نام نهاد تهذيب يافته دنيا جي اصليت ظاهر ٿي چڪي آهي. اندروني دٻاءُ ۽ اسرائيلي بربريت نيٺ ڪجھه اولهه جي ملڪن کي عارضي جنگبندي لاءِ راضي ڪيو آهي. اڃان تائين جرمني طرفان اسرائيل جي مدد ختم ڪرڻ جو ڪو امڪان ظاهر نٿو ٿئي.

آمريڪا ڇاڪاڻ ته انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جي دائري اختيار کي نٿو مڃي ان ڪري آمريڪا مٿان انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس طرفان ضابطي ۾ نٿو اچي سگهي. جرمني سزا يافته ٿي سگهي ٿو. نڪاراگوا ڪيس داخل ڪري اسرائيل جي جنگي ڏوهن ۾ جرمني جي مدد کي اڳيان آڻي بهتر ڪم ڪيو آهي. ان ڪيس سان جرمني جي اسرائيل کي هٿيار فراهمي ۽ ٻي مدد ختم نٿي سگهندي پر اهو ضرور ٿيندو ته اولھه جي دنيا جي نام نهاد اخلاقيات وائکي ٿيندي.

(ليکڪ:زاهد حسين )

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.